ڄام ڏيسر-I

ڄام ڏيسر-I: ڄام ڏيسر، ڄام گوڙجي صاحب ولد پراگمل جيءَ جو فرزند هو، جيڪو 1707ع ۾ ڄائو. والد جي وفات کان پوءِ 1719ع ۾ ڪڇ جي گاديءَ تي ويٺو. ڪتاب ’سنڌ جي درٻار‘ جو مصنف جيمس برنس لکي ٿو ته: ”هن ڪڇ جو مان مٿانهون ڪيو ۽ ڪڇ لاءِ عزت پيدا ڪئي. هن چئن فوجن کي، جيڪي شهنشاهه جي نائب، ڍل وصول ڪرڻ لاءِ موڪليون هيون، تن کي شڪست ڏئي هٽايو ۽ پنهنجون فوجون سرحد پار موڪلي سنڌ، پارڪر ۽ اوکا منڊل ۾ فوجي چوڪيون قائم ڪيون ۽ سنڌ ۽ پارڪر جي ڌاڙيلن جي ڪاررواين کي ٻنجو ڏنو. هن ڪڇ جي نار ۽ ڏاکڻين ڪناري جي ڪيترن شهرن ۽ ڳوٺن کي پنهنجي حڪومت ۾ آندو. هن جي دور ۾ شير بلند خان ۽ ديو ڪرن سيٺ جي سرپرستيءَ هيٺ 1723ع کان 1730ع تائين جنگيون ٿينديون رهيون، پر مغل انهن جي باوجود ڪامياب ٿي نه سگهيا. هن انجر، مندرا ۽ رپڙ نالي قلعي بند شهر تعمير ڪرايا، ته جيئن مغل حملي آورن کان انهن شهرن کي محفوظ رکي سگهجي. هن جا پويان ڏينهن سندس پٽ شهزادي لکپت جيءَ جي شرارتن سبب ڏکيا گذريا، جو هن 1741ع ۾ کيس نظربند ڪري، سندس وزير سيٺ ڪرن کي قتل ڪرائي ڇڏيو. هن کي ٻه پٽ ٿيا: (1) ڄام لکپت، ۽ (2) رائڌڻ. هن 1752ع ڌاري وفات ڪئي. کانئس پوءِ سندس پٽ ڄام لکپت گاديءَ تي ويٺو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو